استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان

استاد مبارڪ علي خان: استاد مبارڪ علي خان سنڌ جي نامياري گائڪ استاد گامڻ خان جو فرزند هو ۽ شڪارپور جي شهر ۾ ڄائو نپنو. فن موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪري. هن فن جي بلنديءَ تي پهتو. کيس ’خانصاحب مبارڪ علي خان‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. مرحوم رئيس ضياءُ الدين بلبل، استاد مبارڪ علي خان جو اهو واقعو قلمبند ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سندس ملهار ڳائڻ تي مينهن وسي پيو هو. ملهار ڳائڻ لاءِ حاضرين استاد مبارڪ عليءَ کي فرمائش ڪئي هئي. سنڌ جو هي ممتاز گويو سيٺ وشنداس وٽ ڪجهه عرصو رهيو هو ۽ ان کان پوءِ سيٺ صاحب جي قائم ڪيل وشن نگر (ٽنڊي آغا) حيدرآباد ۾ فن موسيقيءَ جي سکيا ڏيندو هو. هن سال 1961ع ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد مان قدرت الله خان ۽ عاشق علي خان سٺا گويا ٿي گذريا آهن. سندن ”راڳ سکيا گهر“ اڄ به ڪڪري گرائونڊ کارادر ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. جتي سندس پوٽو استاد ظفر علي خان اڄ به ابن ڏاڏن جي ڪرت کي جاري رکيو ويٺو آهي. استاد مبارڪ عليءَ جي شاگردن ۾ استاد بيبو خان، بڙي غلام علي خان ۽ ڪيترائي وڏا وڏا ناميارا گويا رهيا آهن، استاد نياز حسين ۽ استاد فدا حسين به کانئس سکيا. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي افتتاح جي ربن به استاد مبارڪ علي خان ڪٽي هئي.


لفظ استاد مبارڪ علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو